ارطغرل غازي جو هيرو انجين التان دوزيتان به پاڪستان اچڻ جو خواهشمند

ڪراچي (م ڊ ) پي ٽي وي تي تريڪ ڊرامي “ديريليشن ارطغرل” کي اردو ۾ترجمو ڪري “ارطغرل غازي” جي نالي سان نشر ڪيو پيو وڃي. ان جي مرڪزي هيرو به پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. “ ارطغرل غازي” کي پاڪستان ۾25 اپريل کان نشر ڪيو پيو وڃي ۽ هن وقت تائين ڊرامي جون 24 قسطون نشر ڪيون ويون آهن ۽ صرف 24 ڏينهن ۾ان ڊرامي پاڪستان ۾مقبوليت جا نوان رڪارڊ ٺاهي ورتا آهن. پاڪستان مان ملندڙ محبت بعد “ ارطغرل غازي” جي مرڪزي اداڪاره ۽ ڊرامي ۾“ارطغرل غازي” جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار انجين التان دوزيتان جي زال جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره اسرا بيلگيج پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. ڊرامي ۾مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ “ارطغرل غازي” به پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ارطغرل غازي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ڊرامي کي پاڪستان ۾10 ڪروڙ ڀيرا ڏسڻ جي خوشخبري شيئر ڪندي پاڪستاني مداحن لاءِ محبت جو اظهار ڪيو آهي. ارطغرل غازي يعني انجين التان دوزيتان پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾لکيو آهي ته کيس اميد آهي ته هو هڪ ڏينهن پاڪستان ضرور ايندو ۽ پنهنجي مداحن سان اچي ملندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.