هندو انتهاپسندن ڪجهه مسلمانن ۾ ڪورونا جي تصديق تي سڄي وسندي کي ساڙي ڇڏيو

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن ڪجهه مسلمانن جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ مثبت اچڻ تي سڄي وسندي کي باهه ڏئي ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست بنگال جي علائقي تيليني پاڙي ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي ۽ راشٽريه سويم سيوڪ سنگهه جي غنڊن ڪورونا جي آڙ ۾ مسلمانن جو ٻيهر جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب انتهاپسندن ضرورت جي شين جي خريداري جي لاءِ ٻاهر نڪرندڙ ڪجهه مسلم نوجوانن کي اِهو چئي تشدد جو نشانو بڻايو ته انهن جي آبادي ۾ 5 ماڻهن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي ان جي باوجود هو لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندي ٻاهر گهمي رهيا آهن.

انتهاپسندن طرفان مسلم نوجوانن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ الزام هنيو ته هو ڄاڻي واڻي هندو آبادي ۾ ڪورونا وائرس پکيڙي رهيا آهن.

واقعي کان پوءِ انتهاپسندن وڌيڪ چڙ ڏياريندڙ بيان ڏنا جنهن کان پوءِ علائقي ۾ فساد شروع ٿي ويا ۽ وڏي انگ ۾ انتهاپسندن مسلم آبادي تي حملو ڪري ڏنو، ان دوران ڪيترن ئي گهرن ۽ دڪانن کي باهه ڏني وئي.

واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي پر مسلمانن جي لاءِ جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي لاءِ رمضان ۾ ضروري سامان جي خريداري ڏکي بڻائي وئي آهي، شرپسند مسلمانن کي ڏسي ڪورونا ڪورونا جا آواز هڻي رهيا آهن.

پوليس چڙ ڏياريندڙ عمل جو ذميوار قرار ڏئي بي جي پي سان تعلق رکندڙ ٻن مقامي اسيمبلي ميمبرن جي خلاف ڪيس به داخل ڪيو آهي جڏهن ته بي جي پي فسادن جي ذميوار حڪمران پارٽي ترينمول ڪانگريس ۽ وڏي وزير ممتا بينرجي کي قرار ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.