ملير: سماجي تنظيم پاران کدڙن فقيرن کي عيد جا ڪپڙا ۽ خرچي ڏني وئي

عوامي آواز رپورٽ
ملير: سماجي تنظيم پاران کدڙن فقيرن کي عيد جا ڪپڙا ۽ خرچي ڏني وئي
عوامي آواز رپورٽ ملير: سماجي تنظيم پاران کدڙن فقيرن کي عيد جا ڪپڙا ۽ خرچي ڏني وئي

سماجي تنظيم جميلا بيگم جي سهڪار سان ملير پريس ڪلب پاران کدڙن فقيرن ۾ عيد جا ڪپڙا ۽ خرچي ورهائي وئي

ملير پريس ڪلب پاران کدڙن فقيرن کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جميلا بيگم فائوڊيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد ادريس کي اپيل ڪئي وئي هئي جنهن تي جميلا فائونڊيشن پاران ٽيهن کان وڌيڪ کدڙن فقيرن کي ڪپڙا، سينڊل ۽ عيد جي خرچي ڏني وئي

ان موقعي تي کدڙن فقيرن جي تنظيم جيا سنڌ جي صدر مظهر انجم ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي توڙي حڪومت سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون دوران کدڙن فقيرن جي ڪابه مالي ساهائتا توڙي راشن نه ڏنو آهي هنن وڌيڪ چيو ته ملير پريس ڪلب ۽ جميلا بيگم فائونڊيشن جا شڪر گذار آهيون جن پهريان اسان کي راشن ڏنو ۽ هاڻي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪپڙا، سينڊل ۽ روڪ رقم ڏني وئي آهي ..

ان موقعي تي جميلا بيگم فائوڊيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر ادريس آرائين چيو ته اسان جو مقصد غريب ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي، اسان رنگ، نسل، ذات پات ۽ مذهب جي مت ڀيت کان هٽي ڪري انسانيت جي خدمت ڪرڻ ۾ يقين رکون ٿا ..

هن چيو ته ملير پريس ڪلب جي صدر ميرذوالفقار پاران کدڙن فقيرن جي مدد لاءِ چيو ويو هو جنهن تي عمل ڪندي 30 کان وڌيڪ فقيرن کي عيد جا ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ڏنو آهي … ايس او ٽي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.