ڌاٻيجي: بااثر ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ ڌمڪيون پيا ڏين: ڳوٺاڻا

عوامي آواز رپورٽ
ڌاٻيجي: بااثر ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ ڌمڪيون پيا ڏين: ڳوٺاڻا
عوامي آواز رپورٽ ڌاٻيجي: بااثر ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ ڌمڪيون پيا ڏين: ڳوٺاڻا

گھارو جي ڳوٺاڻن ڳوٺ تي چڙهائي خلاف قومي عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي اڳواڻن سان گڏجي احتجاج ڪيو

ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڳوٺاڻن محمد جوکيو، فقير جاويد جوکيو، قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر آصف جوکيو، ايس ٽي پي اڳواڻ عمر ناهيو ۽ ٻين چيو ته ڪراچي جي بااثر قبضا مافيا پاران مقامي بااثرن سان ملي ڀگت ڪري گهاري لڳ ڳوٺ بادل عيسباڻي جوکيو تي چڙھائي ڪري ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڳوٺاڻن جي مزاحمت تي واپس هليا ويا .. ايس او ٽي

هنن الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ مختلف پرائيوٽ نمبرن تان ڌمڪيون ملي رهيون آهن .. ايس او ٽي

قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي اڳوڻن چتاءُ ڏنو ته ڌرتي ڌڻين سان زياديتون ۽ ڏاڍايون بند نه ڪيون ويون ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.