عمر اڪمل 3 سال پابندي واري سزا کي چيلينج ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل ميچ فڪسنگ جي آڇ بابت ضابطي جي ڀڃڪڙي واري ڪيس ۾ ٽن سالن جي پابندي جي سزا جي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي تحت عمر اڪمل کي ٻن مختلف وقتن ۾ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي ٽن سالن جي پابندي جي سزا ڏني وئي هئي جنهن کي عمر اڪمل چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

عمر اڪمل ناليواري قانوندان بابر اعواڻ جو خدمتون حاصل ڪيون آهن ۽ هن جي ذريعي سزا جي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي جڏهن ته ان کان اڳ عمر اڪمل پي سي بي ڊسپلنري پينل ۾ پنهنجو ڪيس پاڻ وڙهيو هو ۽ هو وڪيل کان سواءِ ٻڌڻي ۾ پيش ٿيو هو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عمر اڪمل جي اپيل تي 15 ڏينهن جي اندر آزاد جج  کي مقرر ڪندو جنهن کي مقرري جي هڪ مهيني جي اندر اپيل جو فيصلو ٻڌائڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.