ڪورونا: سنڌ ۾ هڪ ڏينهن اندر سڀ کان 19 فوتگيون، 706 ڪيس رپورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا مان هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 22 فوتگيون ٿيون جڏهن ته 706 نوان ڪيس به سامهون آيا جنهن مان 558 جو تعلق ڪراچي سان آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 3803 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 706 نوان مريض سامهون آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 19 مريض لاڏاڻو ڪري ويا.

اهڙي طرح صوبي ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل انگ 17947 ۽ فوتگيون 299 ٿي ويون آهن.

وڏي وزير ٻڌايو ته 19 مارچ تي ڪورونا سبب پهرين فوتگي ٿي ۽ اڄ فوتگين جو انگ سڀ کان وڌيڪ آهي.

سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 252 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا جنهن مان صحتياب ٿيلن جو انگ 4741 آهي.

وڏي وزير موجب صوبي جي 706 ڪيسن مان 558 جو تعلق ڪراچي سان آهي جن ۾ ضلعي اوڀر مان 131، ڏکڻ 134، سينٽرل 105، ڪورنگي ۽ ملير 58-58 جڏهن ته ڏکڻ ضلعي مان 72 ڪيس رپورٽ ٿيا.

ان کان سواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن مان حيدرآباد 20، لاڙڪاڻو 16، قمبر شهدادڪوٽ 12، ڄام شورو 10، شڪارپور ۽ سکر ۾ 6-6، خيرپور ۾ 5، جيڪب آباد مان 4، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ۾ 3-3، دادو، گهوٽڪي، ڪشمور ۾ 2-2 جڏهن ته بدين، ٽنڊو الهيار، نوشهروفيروز ۾ هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.