ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ 212 قيدين ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ ڪورونا وائرس مان متاثر قيدين جو انگ 212 ٿي ويو آهي.

جيل اختيارين موجب سينٽرل جيل ڪراچي جي 8 اهلڪارن ۾ به وائرس جي تصديق ٿي آهي.

اختيارين موجب هن وقت تائين سينٽرل جيل ڪراچي ۾ 377 ماڻهن جا نمونا ورتا ويا آهن جنهن مان 212 قيدين جي ٽيسٽ جو نتيجو مثبت آيو آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته وائرس مان متاثر سمورن قيدين کي آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي.

جيل اختيارين موجب رڳو هڪ قيدي ۾ علامتون ظاهر ٿيڻ تي ٽيسٽنگ شروع ڪئي هئي جنهن کان پوءِ هن وقت تائين انگ 212 ٿي چڪو آهي جڏهن ته جن قيدين جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ مثبت آئي آهي انهن ۾ في الحال ڪا به علامت ناهي پر هر ممڪن احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون پيون وڃن.

سينٽرل جيل ڪراچي جي 30 کان وڌيڪ اهلڪارن جي ڪورونا وٽيسٽ جا نمونا به ورتا ويا هئا جنهن مان 8 اهلڪارن جي وائرس مان متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.