ڪراچي ۾ معمولي ڳالهه تي جهيڙي ۾ ڀاءُ هٿان ڀاءُ قتل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ۾ ڀائرن جي وچ ۾ معمولي ڳالهه جي جهيڙي تي هڪ ڀاءُ ڪاوڙ ۾ اچي ٻئي ڀاءَ کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي کي ڌاڙي دوران مزاحمت تي قتل جو رنگ ڏئي ڇڏيو.

پوليس موجب گذريل ڏينهن ڇرين جي وار سان قتل ٿيل نوجوان محمد علي کي ڌاڙي دوران مزاحمت تي قتل نه ڪيو ويو پر مقتول کي هن جي سڳي ڀاءُ ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو ۽ واقعي کي ڌاڙي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس ٻڌايو ته مقتول جو پنهنجي ڀاءُ عمر سان معمولي ڳالهه تي جهيڙو ٿيو هو جنهن تي هن ڪاوڙ ۾ اچي ڀاءَ کي قتل ڪري ڇڏيُ 7 پنهنجي ننڍي ڀاءُ ۽ ماءُ کي ڊيڄاريو ته جيڪڏهن هنن پوليس کي ڪجهه ٻڌايو ته هنن کي به هو ائين ئي ماري ڇڏيندو.

پوليس موجب واقعي واري هنڌ جي دوري تي پوليس کي ڪي به شاهديون نه مليون ته مقتول جي گهر جي جهڙتي وئي وئي ۽ قتل وارو اوزار هٿ ڪري قاتل ڀاءُ کان جاچ ڪئي وئي ته هن سڀ ٻڌائي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.