”آرٽيڪل کان بي خبر بيروزگارن اڄ وري گورنر راڄ جو شوشو ڇڏيو آهي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته گورنر راڄ جو شوشو ڪيترائي ڀيرا ڇڏيو ويو، آرٽيڪل 235 ۾ ناهي، 234 ۾ ايمرجنسي جو ذڪر آهي، سنڌ ۾ اپوزيشن الزامن جي سياست ڪري رهي آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي طرفان آرٽيڪل 235 تحت سنڌ ۾ ايمرجنسي توڙي گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي مطالبي تي ردعمل ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته بيروزگار سياسي ليڊرن اڄ وري گورنر راڄ جو شوشو ڇڏيو آهي، آرٽيڪل 234 ۾ ناهي، 234 ۾ گورنر راڄ جو ذڪر آهي، انهن کي آرٽيڪل جي ئي خبر ناهي.

هن چيو ته گذريل سال به اين ايف سي جو شارٽ فال هو، الله پاڪ فردوس شميم نقوي کي ڪو روزگار ڏئي، اهي واندا ماڻهو آهن، روز پريس ڪانفرنس ڪندا آهن، فردوس شميم لاءِ وڏي وزير سان ڳالهائيندس ته جيئن کيس ڪنهن ڪم تي لڳائي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت گمبٽ ۾ اسپتال ٺاهي، جتي مفت علاج ڪيو ويندو آهي، ٻاهرين ملڪن کان ماڻهو ”سائبر نائف“ ۾ علاج لاءِ ايندا آهن، جيڪڏهن ڪير ڪم ڪري رهيو آهي ته اها سنڌ حڪومت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.