سنڌ حڪومت ٻارن جي تعليمي وٿي کي ختم ڪرڻ لاءِ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني ڪورونا وائرس جي ڪري اسڪولن جي بندش سبب ٻارن جي تعليمي وٿي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو ته اسڪول ۾ اسان سڀني جا ٻار ويندا آهن ۽ جيڪڏهن اسڪول کوليا به وڃن ته والدين پنهنجي ٻارن کي هنن حالتن ۾ اسڪول نه موڪليندا.

هن چيو ته ٻارن جي جيڪا تعليم متاثر ٿي رهي آهي ته ان کي ڪنهن حد تائين بچائڻ جي لاءِ اسان قدم شروع ڪيا ۽ اڄ پهرين بندوبست کان آگاهه ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته سنڌ لٽريسي اينڊ ايجوڪيشن ڊپارٽمنٽ طرفان هڪ ايپ بڻائي آهي، هيو ميوز ايپ آهي جنهن کي ماڻهو پهرين به استعمال ڪندا رهيا آهن پر فرق رڳو اِهو آهي ته سنڌي ٻولي به جڏهن ته ٻين صوبن ۾ اردو ۽ انگريزي ۾ آهي.

هن چيو ته اسان يونيسيف، ميرا سبق پرائيويٽ لميٽڊ، مائيڪروسافٽ ۽ سبق فائونڊيشن جي سهڪار سان ڪري رهيا آهيون.

سعيد غني چيو ته جهڙي طرح اسڪولن ۾ ڪلاسون ٿينديون آهن اهڙي طرح هتي ڊيجيٽل ڪلاسون ٿينديون پر ٻار ڪنهن به جاءِ تي ويهي ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ ۽ ٻين ذريعن سان هڪ ڪلاس ۾ شريڪ ٿي سگهن ٿا.

سنڌ غني جو چوڻ هو ته سنڌ ڪاليج ليڪچرز جي نالي سان اسان جو يوٽيوب چينل آهي جتي استاد مختلف مضمونن تي پنهنجا ليڪچرز اپ لوڊ ڪندا آحن ۽ ان تي اسان کي بهتر ردعمل مليو آهي.

هن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ تعليم کاتو ٻئي ڊيجيٽل ڪلاس روم جي حوالي سان استادن جي تربيت ڪري رهيا آهن ۽ 500 جي لڳ ڀڳ استادن ۽ عملي جي 400 ميمبرن کي تربيت ڏني پئي وڃي.

ڊيجيٽل لرننگ ايپ جي حوالي سان هن چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊيجيٽل ڪلاس روم جو منصوبو پائلٽ پراجيڪٽ جي طور تي به شروع ڪيو ويو آهي.

تعليم واري صوبائي وزير جو چوڻ هو ته صوبي ۾ سنڌي ۾ پڙهايو ويندو آهي ان ڪري ايپ ۾ سنڌي ٻولي به آهي پر جلد ئي سنڌي کي مضمون جي طور تي شامل ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.