تحريڪ انصاف سنڌ ۾ گورنر راڄ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي آئين جي آرٽيڪل 235 تحت سنڌ ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس شميم نقوي چيو ته سنڌ جي صورتحال تيزيءَ سان خراب ٿي رهي آهي، آرٽيڪل 235 تحت صدر فنانشنل ايمرجنسي لاڳو ڪري سگهي ٿو.

هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ ۾ به ڪا خرابي ناهي، صوبي ۾ آئين جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت جواب نه ڏنو ته پئسا ڪيئن خرچ ٿيا ۽ نه ئي اهو ٻڌايو ويو ته صوبي جي معيشت ڪيئن بحال ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت صحت جي شعبي تي اربين رپيا خرچ ڪيا، ڪورونا وائرس هليو وڃي ته ڊاڪٽرن کي به موڪلون ڏنيون وينديون.

فردوس شميم نقوي چيو ته وفاق ۽ چيف جسٽس کي چوان ٿو ته اسان کي ايڪشن گهرجي، سنڌ جو وڏو وزير ڪٿي به نظر نه پيو اچي، واپارين سان ملڻ ڏوهه آهي ته اسان ڏوهه جا ذميوار آهيون، جلد ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پارلياماني ليڊر ڪنور نويد جميل سان اجلاس ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.