ڪلوئي: آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ڪلوئي: آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ ڪلوئي: آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ڪلوئي ۾ رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائينر جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ طلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڪلوئي تعلقي جي رڻ شاخ ۽ ڏيپلو مائنر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مولوي محمد رمضان لنڊ، محمد يوسف لنڊ، شفيع محمد لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن بلوچ آباد ۾ احتجاج مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي .

ان موقعي آبادگارن جو چوڻ هو ته آبپاشي کاتي جي يقين دهاني تي لکين رپيا خرچ ڪري فصل پوکيا آهن پر هاڻ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جنهن ڪري پوکيل فصل سڪڻ لڳا آهن .

هن چيو ته عملدار رشوت عيوض منڍ جي آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪن پيا جنهن ڪري اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي به نٿو ملي ..

احتجاج ڪندڙ آبادگارن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال سميت ٻين وس وارن کان معاملي جو نوٽس وٺي پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.