ڪراچي: مذدورن جو نوڪرين مان برطرف ڪرڻ ۽ بونس نه ڏيڻ خلاف ڌرڻو

عوامي آواز رپورٽ
ڪراچي: مذدورن جو نوڪرين مان برطرف ڪرڻ ۽ بونس نه ڏيڻ خلاف ڌرڻو
عوامي آواز رپورٽ ڪراچي: مذدورن جو نوڪرين مان برطرف ڪرڻ ۽ بونس نه ڏيڻ خلاف ڌرڻو

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ قائم نجي ڪمپني پاران مذدورن کي برطرف ڪرڻ ۽ بونس نه ڏيڻ خلاف ڪم بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن  شرڪت ڪئي

ڪورنگي جي ڊينم ڪلاٿنگ ڪمپني يونٽ نمبر چار ۽ ڊينم ميگا يونٽ جي مزدورن پاران نوڪرين مان برطرف ڪرڻ، بونس ۽ پگھارون نه ڏيڻ خلاف ڪم بند ڪري سخت احتجاج ڪيو جنهن ۾ سنڌ سُجاڳي فورم جي اڳواڻن سارنگ جويي، ياسين جھلڻ، ھمت ڦلپوٽي، ايس يو پي اڳواڻ منير مگسي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

ان موقعي تي اڳواڻن ڊينم ڪلاٿنگ ڪمپني جي انتظاميا کي چتاءُ ڏنو ته 24 ڪلاڪن اندر سمورن مزدورن کي رھيل پگھارون ۽ بونس ڏنا وڃن ۽ ڪڍيل مزدورن کي بحال ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ فيڪٽري انتظاميا ۽ ان جي مالڪ خلاف سپريم ڪورٽ، ھاءِ ڪورٽ ۽ ليبر ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويندو ۽ فيڪٽري جي گيٽ سامھون ۽ گُدام چورنگي تي احتجاج ڪيو ويندو …

جنهن بعد ڪمپني جي جنرل مئنيجر طارق محمود پاران سڀاِڻي11 وڳي سڀني پڪن مزدورن کي بونس ڏيڻ ۽ ڪچن مزدورن کي ايڊوانس ڏيڻ جو لکي ڏنو جنھن بعد مزدورن ۽ سياسي، سماجي اڳواڻن احتجاج ختم ڪري ڪندي انتظاميه کي چتاءُ ڏنو ته سڀاڻي مزدورن کي رھيل پگھارن سان گڏ بونس ۽ ايڊوانس پگھار نه ڏني وئي ۽ مزدور بحال نه ڪيا ويا ته سُڀاڻي سموري ڪم جو بائيڪاٽ ڪري ڪمپنيءَ جو گھيراءُ ڪري احتجاج ڪيو ويندو ..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.