سنڌ حڪومت جو وڌيڪ 12 کاتن کي کولڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس سبب بندشن ۾ نرمي ڪندي وڌيڪ 12 کاتن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب ڪاليج ايجوڪيشن، ڪو آپريٽو، ثقافت، اسپيشل ايجوڪيشن، ٻيلو کاتو، هيومن سيٽلمنٽ کاتو، انٽر پروونشل، لائيو اسٽاڪ، مائنز منرل جا کاتا کوليا ويندا.

جاري نوٽيفڪيشن موجب پاپوليشن ويلفيئر، اسڪول ايجوڪيشن ۽ راندين واري کاتن کي به کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سمورن 12 کاتن ۽ انهن جا سيڪريٽريٽ سڀاڻي 19 مئي کان کلي ويندا.

چيف سيڪريٽري جي منظوري کان پوءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سمورن کاتن ۽ ڪورونا وائرس جي احتياطي تدبيرن تي آفيسن ۾ عمل ٿيندو. سنڌ ۾ گڏيل طور تي هاڻ 25 کاتن کي کوليو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.