ڪورونا سبب عيد تي پاڪستاني فلمن جي نمائش به نه ٿيندي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ عيدالفطر جي موقعي تي رليز ٿيندڙ فلمن کي نمائش کان روڪيو ويو آهي.

عالمي وبا ڪورونا وائرس جتي دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ ان جا اثر جتي معيشت تي پئجي رهيا آهن، اتي ئي هالي ووڊ، بالي ووڊ توڙي لالي ووڊ فلمن جي پروڊيوسرن جا به ڪروڙين رپيا ٻڏڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۾ عيدالفطر جي موقعي تي رليز ڪئي ويندڙ فلمن فواد خان ۽ ماهرا خان جي ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“، ڪاميڊي رومانٽڪ فلم ”ٽچ بٽن“ کانسواءِ ٻين فلمن کي رليز نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ فلمن جي رليز جي حوالي سان نين تاريخن جو اعلان حالتن کي نظر ۾ رکي ڪيو ويندو.

سينٽرل بورد آف فلم موجب ڪورونا وائرس سان سڄي دنيا جون فلم انڊسٽريون متاثر ٿيون آهن، پاڪستان ۾ ٺهندڙ فلمن تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، مارچ جي مهيني ۾ فلمن کي سينسر سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا هئا.

سينٽرل بورد آف فلم جو چوڻ هو ته اداري تحت ڪمرشل ۽ نان ڪمرشل فلمن کي نمائش جي اجازت ڏني ويندي آهي، وفاقي حڪومت عوام جي حفاظت لاءِ سئنيما گهر بند ڪيا آهن، نين ايس او پيز تحت جڏهن حڪومت اجازت ڏيندي ته فلمن کي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.