حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري عدالت کي مداخلت ڪرڻي پئي…!

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري عدالت کي مداخلت ڪرڻي پئي هن جي ذميواري هئي ته هو عوام کي ايس او پيز تي منظم ڪري.

پنهنجي بيان ۾ سندس چوڻ هو ته مارڪيٽون گهٽ وقت کولڻ جي ڪري رش ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ڪمن ۾ سياست ايندي ته اِهو ئي نتيجو ايندو.

وسيم اختر جو چوڻ هو ته جن ماڻهن جو ڪم ڪيو آهي انهن کي ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي ته عدالت کي مداخلت ڪرڻي پوندي آهي.

هن چيو ته حڪومتن جي سڄي پلاننگ فيصل ٿي رهي آهي، ڪراچي ۾ چونڊيل سمورن ماڻهن کي ڪمن کان پري رکيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته قبرستان جي عملي کي حفاظتي لباس، ماسڪ ۽ شيلڊ فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪورونا جي ڪري فوت ٿيلن جي لاءِ الڳ قبرستان مختص ڪيا ويا آحن.

هن وڌيڪ چيو ته بلديا عظميٰ مالي بحران جو شڪار آهي، اين جي اوز ڪراچي جي شهرين جي مدد ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.