سيوهڻ بم ڌماڪي جي سهولتڪارن کي موت جي سزا جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت سيوهڻ بم ڌماڪي جي ٻن سهولتڪارن کي موت جي سزا ٻڏائي ڇڏي.

سيوهڻ بم ڌماڪي ۾ سهولت ڪاري ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ويو آهي ۽ عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪالعدم داعش جي ٻن ميمبرن کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

جوابدارن ۾ نادر علي عرف مرشد ۽ فرحان عرف فاروق بروهي شامل آهي.

واضح رهي ته 16 فيبروري 2017 تي لعل شهباز قلندر تي مزار تي بم ڌماڪو ٿيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.