”اسان سنڌ حڪومت سان گڏجي عوام جي ويڙهه پيا وڙهون“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصفا جي اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته اسان سنڌ حڪومت سان گڏ عوام جي ويڙهه وڙهي رهيا آهيون.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان ۽ فردوس شميم نقوي انصاف هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ صوبائي حڪومت نالائقي ڏيکاري ۽ پيپلز پارٽي سنڌ کي گهڻو نقصان رسايو.

هن چيو ته اسان سنڌ حڪومت سان گڏجي عوام جي ويڙهه وڙهي رهيا آهيون ڇو ته اسان جو مقصد عوام کي ريليف ڏيارڻ آهي.

خرم شير زمان چيو ته اسان چيف جسٽس جا بي حد ٿورائتا آهيون. اسان آواز اٿاريو ۽ زيادتين جي خلاف نوٽيس جي اپيل ڪئي هئي.

هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ٻن ڏينهن اڳ شاپنگ مالز کوليا هئا.

ان موقعي تي فردوس شميم نقوي اپيل ڪئي ته سنڌ جا سمورا پيٽرول پمپس کوليا وڃن. تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي جي سوچ مختلف آهي.

هن چيو ته وزير اعظم عمران خان چيو ته شاپنگ مال کوليو ته چيو ويو ته نالائق آهن. تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي ڪڏهن به هڪ پيج تي نٿيون اچي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.