فضل الرحمان جو جمعته الوداع، عيدالفطر ۽ ختم القرآن جون تقريبون ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جمعته الوداع، عيدالفطر ۽ ختم القرآن جون تقريبون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ موجود جي يو آءِ (ف) سربراهه جو چوڻ هو ته انسانيت جي خاطر حڪومتي قدمن جي حمايت جو اعلان ڪيو، اسان مدرسن کي بند ڪيو ۽ جلسا، جلوس ملتوي ڪيا.

هن چيو ته اسان ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي پنهنجا رضاڪار حڪومت جي خدمت لاءِ پيش ڪيا پر جڏهن کان سمورو ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ته اسان به جمعته الوداع، عيد ۽ ختم القرآن جون تقريبون ڪرائينداسين.

مولانا فضل الرحمان چيو ته مسجدن ۾ مڪمل احتياطي اپائن هر صورت ۾ اختيار ڪيا ويندا، عيد تي ڪارڪن پنهنجي گهرن تائين محدود رهن، ڪٿي به سفر نه ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.