”ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته شيخ رشيد کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس شاهه ٽرينن جي بحالي کي ڪورونا وائرس جي دعوت ڏيڻ جي برابر قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي.

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد طرفان 20 مئي کان 30 ٽرينون هلائڻ جي اعلان تي رد عمل ڏيندي صوبائي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس شاهه چيو ته ٽرينن جي بحالي جو فيصلو سنڌ کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ ڪيو ويو آهي ۽ ڏسنداسين ته وفاقي وزير پنهنجي چيل ڳالهه تي ڪيترو عمل ٿو ڪري.

سندس چوڻ هو ته ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته شيخ رشيد کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي، اسان ٽرينن جي ذريعي ڪورونا کي دعوت ڏيڻ جا مخالف آهيون، ميڊيا کي وٺي ريلوي اسٽيشن تي وينداسين.

اويس شاهه چيو ته اسان ٽرين هلائڻ جا مخالف ناهيون، جيڪڏهن اداري کي خسارو ٿي رهيو آهي ته ڇا ان جو ازالو ماڻهن جي سر کان وٺون.

هن چيو ته جيڪڏهن ريلوي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائي سگهي ٿي ته ٽرينون هلائي.

صوبائي وزير چيو ته وفاقي وزير شيخ رشيد جي ڳالهين ۾ تضاد آهي، سڄي پاڪستان کي سفر ڪرائڻ چاهيون ٿا پوءِ ڪراچي ۾ آن لائن ٽڪٽنگ پهرين کان ئي جاري آهي.

هن چيو ته انٽرسٽي ٽرانسپوٽرز سان ڳالهيون جاري آهن، انٽرسٽي ٽرانسپورٽ حڪومت کي ماسڪ فراهم ڪرڻ جي لاءِ چيو آهي ۽ ٽرانسپورٽ اتحاد حڪومت سان سهڪار جي لاءِ تيار آهي.

اويس شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي.

ايس او پيز تي عملدرآمد بابت ڳالهيندي هن چيو ته بسن ۾ هڪ سيٽ خالي ڇڏي ڏيندي مسافرن کي ماسڪ جي فراهمي ٽرانسپورٽرز جي ذميواري هوندي.

هن چيو ته ٽرانسپورٽرز آن لائن ٽڪٽنگ شروع ڪرڻ جو چيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪافي سيڪٽرن کي کوليو ويو آهي، وفاق ڪجهه معاملن تي ڳالهيون نٿو ڪري حالانڪ وزير اعظم چيو هو ته صوبا ٽرانسپورٽر بابت ايس او پيز بڻائن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.