ڪراچي سول اسپتال ۾ ڪورونا وارڊ جي سربراهه ڊاڪٽرياڻي به وائرس جو شڪار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سول اسپتال جي اسسٽنٽ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ (اي ايم ايس) ۽ ڪورونا وارڊ جي سربراهه ڊاڪٽر روبينا بشير به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي.

سول اسپتال جي اي ايم ڊاڪٽر روبينا بشير گذريل ڏينهن ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي هئي، جنهن جي رپورٽ هاڪاري آئي آهي ۽ هن پاڻ کي گهر ۾ قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

ڊاڪٽر روبينا بشير سول اسپتال ڪراچي ۾ ڪورونا وارڊ جي سربراهي تي مقرر هئي.

هوڏانهن ايس ايس پي اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ ملڪ مرتضيٰ موجب ايس ايس يو جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ (ڊي ايس پي) اورنگزيب خان ۾ به ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جيڪو طبعيت ۾ خرابي سبب وينٽي ليٽر تي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.