ڪراچي: زينب مارڪيٽ سميت سيل ڪيل سموريون مارڪيٽون کولڻ جي اجازت

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ضلعي ڏکڻ جي ڊپٽي ڪمشنر صدر ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سيل ڪيل مارڪيٽون کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ڊپٽي ڪمشنر جي اجازت نامي کانپوءِ زينب مارڪيٽ سميت صدر ۾ سيل ڪيل دڪان اڄ کوليا ويا آهن.

او ايس پيز جي ڀڃڪڙي تي ايم اي جناح روڊ تي سيل ڪيل گل پلازا کي به کوليو ويو آهي، جتي اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي موجودگي ۾ پلازا کي ڊي سيل ڪرايو.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ ڪاروبار کولڻ جي اجازت کانپوءِ ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب زينب مارڪيٽ ۽ گل پلازا کي سيل ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.