”شيخ رشيد کي عوام جي زندگين کان وڌيڪ ٽرين جي ڳڻتي آهي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه چيو آهي جيڪڏهن ٽرينون کليون ته ڪورونا ڪيس هڪ لک کان به وڌي ويندا.

ريلوي واري وزير شيخ رشيد جي بيان تي ردعمل ڏيندي اويس قادر شاهه چيو ته ڪراچي ۾ في الحال ٽرينون نه هلنديون، وفاقي وزير کي عوام جي زندگين جي ڳڻتي گهٽ ۽ ٽرين هلائڻ جي ڳڻتي وڌيڪ آهي.

هن چيو ٽرينون هليون ته پوءِ وائرس تي ڪنٽرول ڏکيو ٿي ويندو، ڪراچي ۾ هر صوبي جو عوام رهندو آهي، ريلوي اسٽيشنز تي هجوم وڌي ويندو، وفاق سنڌ سان هلندو آهي، سنڌ وفاق سان ناهي هلندو.

واضح رهي ته راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو هو ته ريلوي کاتو صوبن جي ماتحت ناهي، وزيراعظم عمران خان کانپوءِ منهنجي ماتحت آهي، مان پاڻ به ٽرين هلائڻ جو فيصلو ڪري ٿو سگهان پر عمران خان جي فيصلي جو انتظار پيو ڪيان، ساڻس رابطو ڪري اڱاري يا اربع تي ٽرينون هلائڻ جي حوالي سان فيصلو ڪندس.

سندس چوڻ هو ته مان ڪنهن به صوبي جي تابع ناهيان، پاڻ فيصلو ڪري سگهان ٿو، تنهن ڪري ٽرينون هلائڻ لاءِ سيد مراد علي شاهه سان نه ڳالهائيندس، سنڌ جي وڏي وزير جو ماتحت ناهيان، ان سان لاڳاپا سٺا آهن پر ٽرين سڄي پاڪستان جو مسئلو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.