لاڪ ڊائون ۾ نرميءَ کانپوءِ جرمن فٽبال ليگ ٻيهر شروع

 

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني ۾ قومي فٽبال ليگ بنڊيس ليگا ڪورونا وائرس جي لاڪ ڊائون ۾ نرمي کانپوءِ ٻيهر شروع ٿي وئي آهي.

تماشائين بنا خالي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ بوروسيا ڊورٽمنڊ جي ٽيم شالڪي کي 4 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڊورٽمنڊ ڪلب جي رانديگر ايرلنگ هالانڊ بنڊيس ليگا جي نئين دور ۾ پهريون گول ڪيو.

ميچ دوران شالڪي جا رانديگر ڪو به گول ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا.

واضح رهي ته ڪورونا وبا سبب جرمني ۾ ٻه مهينا اڳ بنڊس ليگا جون سموريون ميچون ملتوي ڪيون ويون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.