سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ بابت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عيد کانپوءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس شاهه خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته حفاظتي انتظامن تحت ٽرانسپورٽ بحالي جي تياري شروع ڪئي آهي، حتمي منظوري وڏو وزير سومر ڏينهن ڏيندو.

هن چيو ته ٽرانسپورٽرن کي رليف ڏيڻ لاءِ 4 نڪاتي سمري تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جي حتمي منظوري سيد مراد علي شاهه سومر ڏينهن اجلاس ۾ ڏيندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم طرفان پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ جي درخواست کانپوءِ ردعمل ڏيندي اويس شاهه چيو هو ته وزيراعظم جي حڪم جو احترام ڪيون ٿا پر پبلڪ ٽرانسپورٽ نٿا کولي سگهون، ڪيسن ۾ روز واڌ ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ٽرانسپورٽ نٿي کلي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.