سيد مراد علي شاهه وڏي خلاف سازش هلي رهي آهي: خرم شير زمان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر خرم شير زمان صوبائي حڪومت تي هڪ ڀيرو ٻيهر الزام هڻندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا جون ٽيسٽون جعلي ٿي رهيون آهن، ماڻهن اندر خوف پيدا ٿي چڪو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خرم شير زمان چيو ته صحت واري صوبائي وزير گم آهي، کيس گهرجي ته اسيمبلي ۾ اچي جواب ڏئي، سرڪاري اسپتالن جو حال خراب آهي.

هن صوبي ۾ ٽرانسپورٽ کولڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت 10 سالن ۾ رڳو 10 بسون هلايون آهن، پ پ قانون سازي ۾ سڀني کان اڳتي پر عمل ۾ سڀني کانپوءِ پوئتي آهي.

تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر اهو به مطالبو ڪيو ته ايس او پيز تحت ماڻهن کي سهولتون ڏنيون وڃن، چنڊ رات تائين مارڪيٽون کليل رهڻ جو وقت رات 12هين وڳي تائين وڌايو وڃي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خلاف وڏي سازش هلي رهي آهي، ان خلاف پنهنجا ئي ماڻهو سازش ڪري رهيا آهن، ان وٽ ويٺل ماڻهو پاڻ وزيراعليٰ بڻجڻ جا اميدوار آهن، ڪيترن ئي فيصلن کان به وڏو وزير پاڻ ئي لاعلم هوندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.