اسد شفيق جي ڪوڙي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان عطيا گڏ ڪرڻ جو انڪشاف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر اسد شفيق جي نالي سان جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان فنڊ ريزنگ جو انڪشاف ٿيو آهي.

اسد شفيق جاري ڪيل هڪ ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مون کي هڪ دوست ٻڌايو ته منهنجي نالي سان انسٽاگرام اڪائونٽ تي عطيا گڏ ڪرڻ لاءِ بيٽون کپايون پيون وڃن، جنهن ۾ ماڻهو حصو به وٺي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته منهنجو ڪو انسٽاگرام اڪائونٽ ناهي ۽ نه ئي ڪا فنڊ ريزنگ مهم هلائي رهيو آهيان، تنهن ڪري شهرين کي اپيل آهي ته اهي مهم جو حصو نه بڻجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.