ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ لاءِ ڪم ڪندڙ ڪراچي پوليس جو هڪ ٻيو آفيسر گرفتار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ لاءِ ڪم ڪندڙ ڪراچي پوليس جي هڪ ٻئي آفيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ايف آءِ اي ڪائونٽر ٽيررازم ونگ ڪراچي ۾ پرڏيهي ڳجهي نيٽ ورڪ خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي نيٽ ورڪ لاءِ سرگرم اسپيشل برانچ پوليس جي آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ هو ته اي ايس آءِ مصور نقوي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي سليپر سيل جو اهم رڪن آهي، گرفتار جوابدار ڪراچي ايئرپورٽ تي سرويلنس يونٽ ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو هو.

ايف آءِ اي اختيارين موجب گرفتار جوابدار 1991 ۾ سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو ۽ محمود صديقي جي هدايت تي جوابدار کي رقم فراهم ڪئي ويندي هئي.

اختيارين ٻڌايو ته جوابدار 2008 ۾ را نيٽ ورڪ جي ٽريننگ لاءِ ڀارت به وڃي چڪو آهي، هو ايئرپورٽ تي ساٿين جي اچ وڃ ۾ سهولتڪاري به ڪندو هو.

وفاقي جاچ اداري موجب جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث رهيو آهي، هن جو واسطو ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي.

اختيارين جو چوڻ هو ته ڪراچي پوليس جو هڪ اي ايس آءِ اڳ به ان نيٽ ورڪ لاءِ ڪم ڪندڙ گرفتار ٿي چڪو آهي.

ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جا 6 مبينا جوابدار اڳ ئي گرفتار ٿي چڪا آهن، جن کان پڇا ڳاڇا لاءِ جي آءِ ٽي جاچ ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.