علي ظفر پورهيت متاثرن  جي مدد لاءِ فائونڊيشن قائم ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر ڏکايل انسانيت جي خدمت لاءِ علي ظفر فائونڊيشن قائم ڪري ڇڏي.

ان سلسلي ۾ ڪورونا وائرس متاثر غريب مزدورن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن جي عملي مدد لاءِ هزارين ماڻهن ۾ راشن ورهايو پيو وڃي. علي ظفر فائونڊيشن لاءِ شهرت يافتا اداڪار، فيش ڊزائينرز ۽ ڪيترائي گلوڪار سندس هٿ مضبوط ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويا آهن.

فلمن ۽ ڊرامن جي مشهور اداڪار مهايون سعيد، صبا قمر، ماياعلي، مرينا خان، هانيا عامر، منال خان، ماورا حسين، مقصود، عدنان صديقي، اشنا شاهه، ايمن منيب، اقرارالحسن، ماريه واسطي، احسن ۽ فهد مصطفيٰ وڊيو پيغام ۾ علي ظفر جي ڪوشش کي ساراهيندي هن جي نيڪ جذبن جي تعريف ڪئي.

فنڪارن پنهنجن مداحن کي اپيل ڪئي آهي ته هو علي ظفر فائونڊيشن طرفان ڏهاڙي ڪمائيندڙ هزارين خاندانن سندن گھر ۾ کاڌو فراهم ڪرڻ جي مشن کي مڪمل ڪرڻ علي ظفر جي مدد ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.