ماهرن پاران ٻارن ۾ پيدا ٿيندڙ نئين بيماري بابت انڪشاف

برطانيا ۽ اٽلي جي ماهرن کان پوءِ هاڻ آمريڪي صحت جي ماهرن  ٻارن ۾ سامهون آيل نئين بيماري بابت خبردار ڪندي ماڻهن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو ڄاڻايل بيماري جون علامتون نظر ايندي ئي ڊاڪٽرن سان رابطو ڪن.

پرڏيهي خابرود اداري موجب آمريڪا جي سينٽر فار ڪنٽرول پريونشن (سي ڊي سي) ٻارن ۾ ظاهر ٿيندڙ ان نئين بيماري کي ملٽي سسٽم انفليمينٽري سينڊروم ان چلڊرين (ايم آءِ سي سي) جو نالو ڏنو آهي.

ڄاڻايل بيماري بابت سڀ کان پهريان اپريل ۾ اٽلي ۽ برطانيا جي ماهرن انڪشاف ڪندي ٻڌايو هو ته هنن وٽ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڏينهن ۾ فوت ٿيل ٻار اهڙي  پراسرار بيماري سبب فوت ٿيا آهن جيڪا بيماري هنن پهريان ناهي ڏٺي.

ٻنهي ملڪن جي طبي ماهرن شڪ ظاهر ڪيو هو ته فوت ٿيل ٻار امڪاني طور تي ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيل ڪنهن سينڊروم ۽ ڪاواساڪي نالي بيماري سان ملندڙ جلندڙ بيماري جو شڪار ٿيا هئا.

ٻنهي ملڪن جي ماهرن کي شڪ هو ته بخار، سوڄ ۽ غنودگي جهڙي بيماري ۾ مبتلا ننڍي عمر جا ٻار امڪاني طور تي ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيا هوندا پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ٻارن جون ڪورونا ٽيسٽيون ڪيون ويون جيڪي ناڪاري آيون.

ماهرن کي شڪ هو ته اهڙي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٻار امڪاني طور تي ڪورونا وائرس متاثر هوندا يا وري هو ڀرپاسي ۾ وبا جي ڦهلجڻ سبب متاثر ٿيا هوندا.

ڪجهه ماهرن جو خيال هو ته امڪاني طور تي فوتي ٻار ايشيائي ملڪن جي  ٻارن ۾ پکڙيل بيماري ڪاواساڪي ۾ مبتلا ٿيا هوندا، ڇو جو جن ٻارن کي اسپتال آندو ويو انهن ۾ ڪاواساڪي جيان شديد بخار، جسم ۾ سور  ۽ سوڄ جهڙيون علامتون هيون.

ڪجهه ماهرن ٻارن ۾ ظاهر ٿيندڙ بيماري کي سينڊروم جي ناياب قسم جو نالو به ڏنو هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي مشهور رسالي دي لانيسٽ ۾ن نئين مرض جي حوالي سان تحقيقي مضمون ۾ وڌيڪ تفصيل ٻڌايا ويا هئا.

مضمون موجب ٻارن ۾ ظاهر ٿيندڙ ڄاڻايل بيماري ۾ اٽلي جي صوبي  بيرگامو ۾ ان جي ڪيسن جي انگ ۾ 30 سيڪڙو واڌ ڪورونا وائرس جي وبا پکڙجڻ کانپوءِ دريافت ڪئي وئي.

ماهرن طرفان ڪيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته ان بيماري ۾ رت جي شريانين ۾ ورم ڦهلجي ٿو ۽ دل کي نقصان پهچي ٿو.

ماهرن موجب جيتوڻيڪ ان نئين سينڊروم ۾ به ڪاواساڪي جيان ورم نظر اچي ٿو پر وبائي مرضن جي ماهرن جو چوڻ هو ته اها ڪاواساڪي مرض کان مختلف آهي ۽ ان جي علامتن ۾ لاڳيتون بخار، اکين ۾ ڳاڙهاڻ، ورم جهڙا عمل شامل آهن.

مضمون ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڄاڻايل بيماري ۾ شروعاتي طور تي ٻار اپريل مهيني جي وچ ۾ اٽلي ۾ متاثر ٿيڻ شروع ٿيا، جنهن کانپوءِ ان بيماري کي انگلينڊ جي ٻارن ۾ به ڏٺو ويو ۽ هاڻ اها ئي بيماري آمريڪا ۾ به ٻارن ۾ ظاهر ٿي رهي آهي.

تحقيق ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو هو ته امڪاني طوري اها بيماري ڪورونا جي سبب ٻارن کي ٿي هئي، ان بيماري سبب متاثر ٿيل ٻار يا ته پاڻ گھٽ سطح تي ڪورونا جو شڪار ٿيا هجن يا وري ڀرپاسي ۾ ڪورونا جا مريضن هجڻ سبب ان جو شڪار ٿيا هوندا.

ڄاڻايل تحقيق کان پوءِ هاڻ آمريڪي ماهرن به ماڻهو کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هو پنهنجن ٻارن ۾ سينڊروم يا ڪاواساڪي بيماري جهڙيون علامتون ڏسن ته اهي فوري طوري تي پنهنجي ڊاڪٽر سان رابطو ڪن.

ماهرن خبردار ڪندي چيو ته ڄاڻايل بيماري 21 ورهين جي عمر تائين جي نوجوانن کي به متاثر ڪري سگھي ٿي، پر اها بيماري ننڍي عمر جي ٻارن کي نشانو بڻائي رهي آهي.

آمريڪي ماهرن موجب هن وقت تائين جيتوڻيڪ ان بيماري جي رفتار گھٽ ئي آهي، پر ان جي پراسراريت خطرناڪ آهي ۽ ان ڏس ۾ سخت احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اهڙي بيماري ۾ مبتلا ٿيندڙ ٻارن جو علاج ڪندڙ نيويارڪ جي ڪوهن چلڊرين ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽر سنيل سود جو چوڻ هو ته هن هن وقت تائين جن ٻارن جو علاج ڪيو آهي انهن ۾ گھڻ کي دل جي سوڄ جي شڪايت هئي.

هن چيو ته صحت جي ماهرن کي ٻارن ۾ ظاهر ٿيندڙ ان بيماري کي ڪورونا وائرس جي تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي ۽ ان ڏس ۾ والدين کي به احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهي اهڙيون علامتون سامهون اچڻ بعد ٻار کي اسپتال کڻي وڃن يا صحت جي ماهرن سان رابطو ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.