سنڌ ۾ ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ وبائي مرضن بابت ترميمي ايڪٽ لاڳو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ وبائي مرضن بابت ترميمي ايڪٽ لاڳو ٿي ويو.

پنهنجي هڪ ويڊيو بيان ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته گورنر جي منظوري کانپوءِ سنڌ ۾ وبائي مرضن بابت ترميمي ايڪٽ لاڳو ٿي ويو آهي، جنهن تي عمل شهرين، دڪاندارن، فيڪٽري مالڪن ۽ هر فرد تي لازمي آهي.

سندس چوڻ هو ته هر هڪ لاءِ ضابطي ڪار تي عمل لازمي هوندو ۽ جيڪو به ان جي ڀڃڪڙي ڪندو، ان کي 10 لک رپين تائين جو ڳرو ڏنڊ ڀرڻو پوندو.

مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت ڪورونا وبا جي روڪٿام لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ۽ قانون لاڳو ڪرڻ جو مقصد شهرين ۾ احتياطي اپائن تي عمل لاءِ شعور پيدا ڪرڻ آهي.

هن چيو ته اهو قانون سماجي وٿي، ماسڪ جي استعمال، ڪارخانن ۽ مارڪيٽن تي لاڳو هوندو، جڏهن ته ميڙاڪن، مذهبي ۽ سماجي تقريبن، لاڪ ڊائون جي پابندين تي به لاڳو هوندو، پابندي  وارو ڪاروبار کولڻ تي به اهو قانون حرڪت ۾ ايندو.

سندس موجب اسان سڀني کي وبا-ئي مرضن جي ترميمي ايڪٽ تي عمل ڪرڻو آهي، اچو ته وبا جي خاتمي لاءِ قانون پسند شهري هجڻ جو ثبوت ڏيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.