يوٽيوب تي ڪورونا بابت هر چئن مان هڪ وڊيو گمراهه ڪندڙ آهي

ڪورونا وائرس بابت سوشل ميڊيا ۽ ٻين ويب سائيٽس تي ڪوڙي ڄاڻ ۽ خبرون موجود آهن جن جي روڪ ٿام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

تازو ئي بي ايم جي گلوبل هيلٿ ۾ آن لائين تحقيق شايع ڪئي وئي جنهن موجب يوٽيوب تي ڪورونا وائرس بابت انگريزي  ٻولي ۾ هر 4 مان هڪ وڊيو گمراهه ڪندڙ يا غلط ڄاڻ تي ٻڌل آهي ۽ انهن وڊيوز کي سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويو آهي.

محققن خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس بابت غلط ڄاڻ گذريل وبائن جي ڀيٽ ۾ گھڻن ماڻهن تائين پهچي رهي آهي ۽ ان سبب نقصان جا امڪان وڌيڪ آهن.

ان مطالعي ۾ محققن اهو به ٻڌايو آهي ته ڪورونا وائرس بابت ڪوڙي  ڄاڻ تي ٻڌل وڊيوز کي ڪروڙين واهپيدارن طرفان ڏٺو ويو آهي.

يوٽيوب تي موجود انهن گمراهه ڪندڙ وڊيوز ۾ اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون ڪورونا جي خاتمي جي ويڪسين تيار ڪري چڪيون آهن پر مارڪيٽ ۾ پابندي سبب ويڪسين کي وڪرو نه پيو ڪيو وڃي.

ماهرن واهپيدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو يوٽيوب ۽ ٻين پليٽ فارمز تي حڪومت ۽ صحت جي ادارن طرفان اپ لوڊ ڪيل درست وڊيوز کي ڏسن.

ان مطالعي جي حوالي سان يوٽيوب جو چوڻ هو ته هو واهپيدارن تائين درست ڄاڻ پهچائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، ڪوڙي ۽ غلط ڄاڻ تي ٻڌل وڊيوز کي هٽائڻ جو ڪم به ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.