ڪومل رضوي شيف بڻجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪارا ۽ اداڪارا ڪومل رضوي پنهنجو يوٽيوب چينل لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو پر پنهنجي چينل تي هوءَ مداحن کي ڪجهه ٻيو ڪندي نظر ايندي.

پنهنجي گلوڪاري سبب شهرت حاصل ڪندڙ ڪومل رضوي جي يوٽيوب چينل جو نالو “ڪومل ڪچن” آهي جتي هوءَ مداحن کي مزيدار پڪوان تيار ڪرڻ سيکاريندي.

ان خبر جو اعلان ڪومل رضوي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪيو.

پنهنجي پوسٽ ۾ گلوڪارا لکيو ته آئون نئون يوٽيوب چينل لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نالو “ڪومل ڪچن” آهي ۽ پهرين قسط رليز ڪري ڇڏي آهي.

ڪومل رضوي موجب جيڪڏهن اوهان کي شادين ۾ پيش ڪيو ويندڙ چڪن قورمو تيار ڪرڻو هجي يا رسٽورنٽ ۾ ملندڙ شيرمال گھر ۾ تيار ڪرڻي هجي ته يا رڳو اهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته آئون پڪوان ڪيئن تيار ڪندي آهيان ته منهنجي وڊيو ضرور ڏسو ۽ سبسڪرائيب ڪرڻ نه وساريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.