ڪورونا وائرس پاڪ -آئرلينڊ سيريز به ملتوي ڪرائي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب پاڪستان جي هڪ ٻي سيريز به ملتوي ٿي وئي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو آئرلينڊ دورو ملتوي ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ پاڪستان جو نيدرلينڊز دورو به ملتوي ٿي چڪو آهي. پاڪستان کي نيدرلينڊز ۾ ٽئي ون ڊي جڏهن ته آئرلينڊ ۾ ٻه ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻيون هيون جيڪي 12 ۽ 14 جولاءِ تي شيڊيول هيون.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ۽ آئرلينڊ ڪرڪيٽ طرفان اهو گڏيل فيصلو آئرش حڪومت جي 10 آگسٽ کان اڳ بند دروازن جي پٺيان به ميچون ممڪن نه ٿيڻ جي اعلان کان پوءِ ڪيو ويو.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ٽيسٽ ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ امڪاني طور تي انگلينڊ ۾ موجود هوندي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو وسيم خان ڪورونا وائرس جي وبا کي نظر ۾ رکندي آئرلينڊ جو دورو ملتوي ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته اسان موجودهه ڏکين حالتن ۾ ڪرڪيٽ آئرلينڊ جي فيصلي جو مڪمل احترام ڪيون ٿا ۽ قبول ڪيون ٿا، اسان سڀ تسليم ڪيون ٿا ته رانديگرن، آفيشلز ۽ مداحن جي صحت ۽ حفاظت کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي.

سندس چوڻ هو ته اهڙين حالتن ۾ سڀني ملڪن لاءِ پنهنجي هوم سيريز ڪرائڻ ڏکيو آهي ۽ ان دوران اسان کي ڪرڪيٽ فيملي طور تي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

آئرلينڊ ڪرڪيٽ جي چيف ايگزيڪٽو ويرن ڊاٽرم چيو ته پهرين مئي تي آئرش حڪومت جي مرحليوار لاڪ ڊائون هٽائڻ جي فيصلي کان پوءِ انهن تاريخن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ميزباني ڪرڻ ممڪن ناهي رهيو.

هن چيو ته اسان مختلف آپشنز تي غور ڪيو پر حڪومتي قاعدن ۽ ضابطن، بائيو سيڪيورٽي، ڪورنٽائين سوڌو ٻين معاملن سبب اسان لاءِ اهي ميچون ڪرائڻ ممڪن نه آهي.

سندس چوڻ هو ته ٽي ٽوئنتي ڪرڪيٽ جي هڪ بهترين ٽيم جي ميزباني نه ڪري سگھڻ تي کين گھڻو افسوس آهي پر پاڪستان ۽ آئرلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم آهن.

آئرلينڊ ڪرڪيٽ جي چيف چيو ته ان وقت انتظار رهندو جڏهن اسان هڪ ڀيرو وري ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي سگھون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.