ڪورونا وائرس ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ جو خدشو…!

صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس متان ڪڏهن به ختم نه ٿئي ۽ دنيا کي ان سان گڏ جيئڻو پوي.

ڊائريڪٽر ايمرجنسي ڊبليو ايڇ او مائيڪل ريان جو جينيوا ۾ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته انساني آبادي ۾ هڪ نئون وائرس داخل ٿيو آهي تنهنڪري اڳڪٿي ڪرڻ ڏکيو آهي ته وائرس تي ڪڏهن ضابطو آڻي سگھبو.

مائيڪل ريان دنيا کي خبردار ڪندي ٻڌايو ته ايڇ آءِ وي جيان متان ڪورونا به ڪڏهن ختم نه ٿئي ۽ دنيا جي سموري آبادي کي ان سان گڏ ئي رهڻو پوي.

هن چيو ته ڪورونا وائرس اسان جي معاشري ۾ ٻي مستقل وبا جي شڪل اختيار ڪري سگھي ٿو، جيئن ايڇ آءِ وي ختم نه ٿيو ۽ اسان کي ان سان گڏ رهڻو پيو.

سندس چوڻ هو ته پابندين ۾ نرمي سان  جي وبا ٻي لهر نه اچڻ جي ضمانت نٿي ڏئي سگھجي، گھڻا ئي ملڪ چاهيندا ته پابندين کان ٻاهر اچن، پر اسان جي سفارش آهي ته ڪنهن به ملڪ ۾ تنبيهه اعليٰ سطح تي هئڻ گھرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.