ڪورونا گڙدن جي مريضن لاءِ موت مار ثابت ٿي سگهي ٿو: تحقيق

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هڪ تحقيقي مقالي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪورونا وائرس نه رڳو قوت مدافعت کي ڪمزور ڪري انساني حياتيءَ سان کيڏي ٿو پر اهو موت مار وائرس گڙدن جي معمولي مرض ۾ مبتلا مريضن جي ٻنهي گڙدن کي ناڪارا به بڻائي ڇڏي ٿو.

آمريڪا جي نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيل مريضن تي تحقيق ڪئي وئي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته گڙدن جي معمولي مرضن ۾ مبتلا مريض جڏهن ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيا ته ان وائرس کين Acute Kidney Failure يعني گڙدن جي مڪمل ناڪارا ٿي وڃڻ جي مرض ۾ به مبتلا ڪري ڇڏيو.

ماهرن چيو ته عام طور تي اسپتالن جي آءِ سي يو وارڊز ۾ 25 کان 30 سيڪڙو تائين مريض گڙدا ناڪارا ٿي وڃڻ جي پيچيدگين ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن پر هاڻوڪن انگن اکرن مان ثابت ٿيو ته گڙدا فيل ٿيڻ کي منهن ڏيندڙ مريضن ۾ ڪووڊ-19 جي نتيجي ۾ موت جي شرح 50 سيڪڙو تائين آهي.

نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي جي تحقيق ڪندڙن تازو جاري ٿيل چيني سائنسدانن جي ٻن تحقيقي رپورٽن جو تجزيو به ڪيو ۽ هو ان نتيجي تي پهتا ته ڪووڊ-19 جي مريضن ۾ گڙدن جو ناڪارا ٿيڻ جي مرض جو جيڪو قسم نظر اچي رهيو آهي اهو گھڻو پيچيدهه آهي جنهن ۾ گڙدن ۾ رت جا ڇوندا “ڪلاٽس” بڻجي ويا ۽ سوڄ اچي وئي جڏهن ته انهن ان ۾ اهڙا مختلف عنصر موجود آهن جيڪي عام طور تي اي ڪي آءِ مريضن ۾ نظر ايندا آهن.

تحقيقي رسالي “جرنل آف دي آمريڪن سوسائٽي آف نيفرولوجي” ۾ ڇپيل ان تحقيق جي مقالي ۾ماهرن  ڊاڪٽرن کي تجويزڏني آهي ته هو ڪووڊ-19 جي مريضن جي گڙدن تي ڌيان ڏين ۽ گڙدن جي فعلن ۽ ساخت جي حوالي سان لازمي ٽيسٽيون ڪرائين، نتيجن تي نظر رکي وڃي ۽ ڊائلاسس ڪرائندڙ مريضن جي خاص نگراني ڪئي وڃي.

واضح رهي ته چيني سائسندانن به دي جرنل آف ڪڊني انٽرنيشنل ۾ ڇپيل تحقيقي مقالي ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته ڪووڊ-19 سبب فوت ٿيل 26 مان 9 مريضن جي پوسٽ مارٽم ۾ گڙدن کي نقصان پهچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.