سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان، نسيم شاهه ۽ افتخار احمد به شامل  

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سيزن 2020-21 لاءِ 18 رانديگرن تي ٻڌل سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پهرين جولاءِ کان عمل ۾ ايندڙ سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ نسيم شاهه ۽ افتخار احمد کي شامل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سيزن 2020-21 لاءِ اظهر علي کي قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جڏهن ته بابراعظم کي قومي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اڳواڻي سونپي ڇڏي آهي. ان دوران پاڪستان کي مختلف ٻه طرقي سيريز ۾ 9 ٽيسٽ، 6 ون ڊي ۽ 20 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏڻ کان سواءِ ايشيا ڪپ ۽ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2020ع ۾ شرڪت ڪرڻي آهي.

ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ نسيم شاهه کي ننڍي ترين بالر جي حيثيت سان ميچ جي هڪ اننگز ۾ پنج وڪيٽون ۽ هيٽ ٽرڪ ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن اهي اعزاز سريلنڪا ۽ بنگلاديش خلاف ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ ٽيسٽ ميچن دوران حاصل ڪيا.

افتخار احمد گذريل سيزن ۾ پاڪستان طرفان ٻن ٽيسٽ ۽ ٻن ون ديز ۽ 7 ٽي ٽوئنٽي عالمي ميچن ۾ شرڪت ڪئي. ان دوران ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ هن جو اسٽرائيڪ ريٽ ٻين بيٽمينن کان بهتر رهيو.

اهڙيءَ طرح نسيم شاهه جي بالنگ پارٽنر شاهين شاهه آفريدي جي ڳڻپ انهن 4 رانديگرن ۾ ٿيندي آهي جن کي نئين ڪانٽريڪٽ ۾ ترقي ڏني وئي آهي. ليفٽي فاسٽ بالر گذريل سيزن دوران ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽرون حاصل ڪيون هيون.

گذريل سيزن ۾ 18 ٽيسٽ ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي وڪيٽون حاصل ڪندڙ شاهين شاهه آفريدي کي اي ڪيٽيگري، عابد علي، محمد رضوان ۽ شان مسعود کي بي ڪيٽيگري ۾ ترقي ڏني وئي آهي. حسن علي، وهاب رياض ۽ محمد عامر سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا پر  ٽئي رانديگر بدستور قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن لاءِ دستياب هوندا جڏهن ته فهرست ۾ شامل امام الحق، سرفراز احمد ۽ ياسر شاهه جي هڪ هڪ درجو تنزلي ٿي آهي.

ان کان سواءِ پي سي بي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ نوجوان رانديگرن لاءِ نئين ايمرجنگ ڪيٽيگري جوڙي ڇڏي آهي. جنهن ۾ شروعاتي طور تي باصلاحيت نوجوان بيٽسمين حيدر علي ۽ نوجوان فاسٽ بالر محمد حسنين ۽ حارث رئوف کي شامل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.