ڪورونا وائرس: گوگل ۽ ٽوئيٽر جا نوان فيچر متعارف

ڪورونا وائرس وبا جي دوران واهپيدارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سماجي رابطن جون ويب سائيٽس نت نوان فيچر متعارف ڪرائي وڌ کان وڌ موٽ حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ شامل آهن جنهن ۾ وڊيو ڪانفرنس ايپليڪيشن زوم ۽ فيس بڪ کان پوءِ گوگل ڊيو وڊيو ڪانفرنسگ ۽ ٽوئيٽر تازين ڪورونا اپڊيٽس سان گڏ  ان ڊوڙ جو حصو بڻجي ويون آهن.

ڪورونا وائرس جتي سڄي دنيا ۾ معيشت جي ڦيٿو جام ڪري ڇڏيو آهي ۽ سوشل ڊسٽنسنگ جي نالي تي هڪ انساني کي ٻئي انسان کان پري ڪيو ويو آهي  اتي ئي سوشل ميڊيا انسانن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ نوان فيچرز متعارف ڪرائي رهي آهي. زوم ايپ آفيس جي  ساٿين کي گھر ويٺي ميٽنگ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي ته فيس بڪ وري ڪووڊ-19 فيچر سان ڪورونا وائرس بابت درست ڄاڻ ۽ خبرون هڪ ڪلڪ ذريعي  مهيا ڪري رهيو آهي.

 

انٽرنيٽ جي دنيا جي سڀ کان وڏي سرچ انجڻ گوگل پنهنجي چيٽنگ ايپ “گوگل ڊيو” ۾ 12 ڄڻن جي هڪ وقت وڊيو ڪانفرنسگ جو نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. جنهن کي وڌيڪ اپ ڊيٽ ڪري هڪ ئي وقت ۾ 32 ڄڻن جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويندو. زوم جي ابتڙ ان فيچر ۾ ماسڪ، پر مزاج فلٽر ۽ اسڪرين لڪائڻ جي آپشنن ذريعي ٻارن جي دلچسپي جو سامان به رکيو ويو آهي.

گوگل چيو آهي ته ايندڙ هفتي دوران ڊيو ۾ گروپ وڊيو ڪانفرنس جو فيچر ويب تي به مهيا ڪيو ويندو. ۽ ان اڳڀرائي کان پوءِ گوگل جي ٽنهي وڊيو چيٽ ايپليڪيشنز گوگل ڊيو ايپليڪيشن، هينگ آئون يا گوگل ميٽ تي دستياب هوندو. ڊيو ايپ ان ٽنهي ايپس جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ موبائل فرينڊلي به آهي.جيڪو  ايندڙ هفتي کان ويب تي به دستياب هوندو.

هوڏانهن فيس  بڪ جيان ٽوئيٽر به ڪووڊ-19 بابت تازين خبرن کي هڪ ڪلڪ تي گڏ ڪري ڇڏيو آهي. اهو نئين فيچر جي ايڪسپلور سيڪشن ۾ آهي جتي صارف کي سندس ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال بابت ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي آهي. موبائل ايپس تي ٽوئيٽر استعمال ڪندڙن لاءِ اهو فيچر سرچ جي آپشن سوڌو لائيو نوٽيفڪيشن باسڪٽ ۾ به آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.