آءِ سي سي  وومينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ملتوي ڪري ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) وومينز ورلڊ  ڪپ ڪواليفائر ملتوي ڪري ڇڏيو.

ايندڙ سال نيوزيلينڊ ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي وومينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو ڪواليفائنگ ٽورنامينٽ 3 کان 19 جولاءِ تائين سريلنڪا ۾ ٿيڻو هو پر هاڻ آءِ سي سي ڪورونا وائرس سبب ايوينٽ ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

ايوينٽ ۾ پاڪستان وومينز ٽيم کي به شرڪت ڪرڻي آهي. آءِ سي سي طرفان ٽن پوائنٽس کان محروم ٿيڻ سبب پاڪستان وومينز ٽيم کي اهو ڪواليفائر ٽورنامينٽ کيڏڻو پئجي رهيوآهي.

آءِ سي سي وومينز چيمپيئن شپ جي ميچن لاءِ ڀارتي بورڊ کي حڪومت طرفان اجازت نه ملڻ سبب پاڪستان جي ميزباني نه ڪئي ۽ معاملو آءِ سي سي وٽ پهتو ته آءِ سي سي پاڪستان ۽ ڀارت جي وومينز ٽيمن کي هڪ جهڙي طور تي ٽئي ٽئي پوائنٽس ڏنا.

انهن ٽن پوائنٽس جي ڪري ڀارتي ٽيم سڌيءَ ريت ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفاءِ ڪري وئي جڏهن ته پاڪستاني وومين ٽيم ٽئي پوائنٽس ملڻ سبب سڌي ريت ڪواليفاءِ  نه ڪري سگھي ۽ ان کي سريلنڪا ۾ ٿيندڙ ڪواليفائر ۾ شرڪت ڪرڻي پئجي رهي آهي جنهن کي هاڻ آءِ سي سي ڪورونا وائرس سبب ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف چيو آهي ته ايوينٽ جو ملتوي ٿيڻ ضروري آهي، هن وقت سڄي دنيا ۾ راندين جون سرگرميون دير جو شڪار آهن ۽ عوام ميڙاڪن تي پابندي لڳائي وئي آهي.

بسمه معروف چيو ته صورتحال جلد نارمل ٿيڻ لاءِ پراميد آهيان، آئون هن وقت ڪرڪيٽ کي گھڻو مس ڪري رهي آهيان، مون کي اميد آهي ته صورتحال جلد معمول تي اچڻ کان پوءِ راندين جون سرگرميون شروع ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.