فيشن جو سڀ کان وڏو  “ڪانز فلمي ميلو” ڪورونا سبب ملتوي

عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب جتي سڄي دنيا ۾ مختلف عالمي ڪانفرنسون ۽ ٻيا ايوينٽس ملتوي ٿيا اتي وائرس فيشن انڊسٽري کي به گھڻو متاثر ڪيو آهي.

هلندڙ مهيني ٿيندڙ فيشن جي سڀ کان وڏي ڪانز فلمي ميلي کي  خطرناڪ  ڪورونا وائرس سبب ملتوي  ڪيو ويو آهي.

ڪانز فلمي ميلي جي انتظاميا موجب اهو ميلو جون يا جولاءِ جي شروع ۾ ڪرائڻ سوڌو مختلف پهلوئن تي غور ڪيو پيو وڃي.

خيال رهي ته هلندڙ سال يعني 2020ع ۾ ڪانز فلمي ميلو 12 کان 23 مئي جي وچ ٿيڻو هو.

فرانس جي ڏاکڻي سامونڊي شهر ڪانز ۾ ٿيندڙ سالياني فلمي ميلي ۾ سڄي دنيا کان فلم ساز ، اداڪار ۽ مشهور شخصيتون شرڪت ڪنديون آهن.

ميلي ۾ وڏي بجيٽ جون فلمون به رليز ٿيڻيون هيون انهن ۾ فلم “ميلان” ۽ “نوٽائيم ٽو ڊاءِ” به شامل آهن.

واضح رهي ته عالمگير وبا کي نظر ۾ رکندي فيشن جو مشهور ترين ميلو ميٽ گالا 2020ع جڏهن ته آئيفا، پاڪستان فيشن ويڪ ۽ لڪس ايوارڊ جي تقريب به ملتوي ٿي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.