ڇا عيد کانپوءِ اسڪول کُلڻ گهرجن!

يوسف جميل لغاري

عالمي وبا سبب پوري دنيا جو ماحول هن وقت معمول کان هٽيل آهي ۽ خاص طور تي جڏهن کان پاڻ وٽ هي بواسير پنهنجا پير ڄمايا آهن تڏهن کان وٺي هن وقت تائين پاڻ وٽ به حالتون بهتر ڪونه آهن. تڏهن به پاڻ بهتري جي دعواه نه ٿا ڪري سگهون. سنڌ اندر مسئلا پاڻهي ڄاڻ پيدا ڪونه ٿيندا آهن البته هتي مسئلا هٿ سان پيدا ڪيا ويندا آهن. اهڙن ئي اهم مسئلن مان هڪ نئون مسئلو اِهو به آهي ته ڇا سنڌ حڪومت کي عيد کان پوءِ اسڪول کلڻ گهرجن يا نه؟ سنڌ اندر ڪجھ اُستادن جي اها خواهش آهي ته اسڪول کُلڻ گهرجن ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسڪولن کي کولڻ لاءِ حالتون مناسب ڪونه آهن. هڪ ته گرمي پنهنجي عروج تي آهي ۽ ٻيو ته هن وبا جي وڌڻ جا امڪان به آهن. والدين به خوف ۾ ورتل آهن ۽ حڪومت پڻ سماجي وٿي جو چئي رهي آهي.

گذريل سال تعليم کاتي حڪومت سنڌ گرمين ۾ اسڪول کوليا هئا ۽ پوري قوم شاهد آهي ته اُن وقت گرمي جي شدد سبب استاد ۽ شاگرد وڏي تڪليف ۾ اچي ويا هئا. جنهن جو مکيه سبب اِهو آهي ته سنڌ اندر نوي فيصد اسڪول بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن. اسڪولن ۾ اهڙو ماحول ئي ڪونهي جو اُتي استاد ۽ شاگرد ويهي ڪري علم تدريس جو ڪم جاري رکي سگهن. ان لاءِ جيڪڏهن عيد کانپوءِ اسڪول کوليا ويا ته اسڪولن کي کولڻ جو  ڪو خاص فائدو ڪونه ٿيندو ۽ ماڳهي ڪجھ ڏينهن کانپوءِ حڪومت کي اسڪول پاڻهي ڄاڻ بند ڪرڻا پوندا. جيڪڏهن اونهاري جي موسم نه هجي ها ۽ سيارو هجي ها ته پوءِ اسڪول کڻي کولجن به ها. پر هن وقت شديد گرمين ۾ بنا ڪنهن بنيادي سهولتن جي ٻارن کي استاد ڪئين پڙهائيندا؟

استاد پيشي جي حساب سان اُهو واحد طبقو آهي جن تي ٽوڪون، ٺٺوليون ۽ طنز وڏي پئماني تي ٿينديون آهن. اڌ پڙهيا لکيا دانشور، محقق، ڪالم نگار ۽ پاڻ کي شوشل ورڪر سڏرائيندڙ ڪانڀو خان به استادن تي آڱريون سڌيون ڪندا آهن. جيڪڏهن اليڪشن اچي تڏهن به استاد قابو، آدم شماري ٿئي تڏهن به استاد قابو يا وري انهي مناسبت سان ڪا ٻي سروي يا تحقيق ٿئي تڏهن به حڪومت پنهنجي گرفت ۾ استادن کي ئي قابو ڪندي آهي. استاد جهڙوڪ  غريب جي اک ۾ پلجندڙ خواب هجي. جنهن کي هر ڪو ساڀيان کان پهريان ئي ڪچلڻ چاهيندو آهي. ڪجھ ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي تعليم کاتي جا کوڙ سارا گهڻ گهريا اِهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته اسڪول پهرين جون کان کوليا وڃن پر انهن تعليم دوست فردن کي اها ڳالھ الائي ڇو سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته ڇا هن وقت هن قاتل ڪورونا ۽ قهر جي گرمي کي منهن ڏيڻ جي سگھ اوهان جا ادارا رکن ٿا؟ اوهان اسڪول کولرائي عوام سان چڱائي ٿا ڪريو يا ماڳهي انهن جي سر کڻڻ جي پويان آهيو. گذريل سال جو تجربو اوهان جي آڏو آهي. گذريل سال گرمين ۾ جڏهن اسڪول کوليا ويا هئا ته تنهن وقت گرمي سبب شاگردن ۽ استادن جي ڪهڙي حالت ٿي هئي.

تعليم کاتو، سنڌ اندر اهو واحد کاتو آهي جنهن کي مڪمل طرح سان، هر حوالي سان نظرانداز ڪيو ويندو آهي. ڪجھ سال پهريان اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ کي مدنظر رکندي نون استادن کي ڀرتي ڪيو ويو. هاڻ انهن استادن کي نوڪريون ڪندي ڇهن مهينن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي. هنن وبا جي ڏينهن ۾ انهن جا خاندان فاڪا ڪشي واري حالت ۾ زندگي بصر ڪري رهيا آهن پر سرڪار سڳوري ڪا ڳڻتي ئي ڪونه آهي. هر روز اهي استاد احتجاج ۽ مظاهرا ڪن ٿا پيا. سوشل ميڊيا تي به پنهنجي آواز کي ايوانن تائين پهچائڻ جي جتن ۾ لڳل آهن تڏهن به سرڪار اکيون بند ڪيون ويٺي آهي. اسڪولن کي زبون حالي تائين پهچائي انهن ۾ پوءِ وري نوان استاد موڪلين ٿا ۽ نون موڪليل استادن کي وري پگهارون ڏيڻ کان به صفا انڪاري، ڇا سنڌ جي تعليم ۾ بهتري ائين ايندي؟ يا سڀني مسئلن جو حل عيد کانپوءِ اسڪول کولڻ ۾ ئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.