ثانيا مرزا نئين تاريخ لکي ڇڏي

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيا مرزا فيڊ ڪپ هرٽ ايوارڊ کٽي نئين تاريخ لکي ڇڏي.

ٽينس اسٽار ثانيا مرزا فيڊ ڪپ هرٽ ايوارڊ کٽيندڙ ڀارت جي پهرين رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي ۽ هن 2000 ڊالرن جي انعامي رقم تلنگانه جي وڏي وزير طرفان اعلانيل راحت فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ٽينس جي تاريخ ۾ اهو ايوارڊ پهريون ڀيرو ڀارت جي حصي ۾ آيو آهي، ثانيا مرزا کي فيڊ ڪپ ايشيا/اوشيانا گروپ ون هرٽ ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو هو ۽ هوءَ اهڙي ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيندڙ پهرين ڀارتي رانديگرياڻي بڻجي وئي هئي.

اڳوڻي ڊبلز نمبر هڪ ۽ ڪيترائي ڀيرا گرينڊ سليم فاتح ثانيا مرزا 2016 ۾ پهريون ڀيرو ان سال فيڊ ڪپ ٽيم ۾ شامل ٿي هئي.

ثانيا مرزا انڪتارينا سان گڏجي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڀارت کي پهريون ڀيرو فيڊ ڪپ جي پلي آف ۾ پهچايو ويو.

ان سال فيڊ ڪپ جي بهترين ڪارڪردگي کي ڏسندي فيڊ ڪپ هرڊ ايوارڊ گروپ ون لاءِ 6 رانديگرن کي نامزد ڪيو ويو هو.

هرٽ ايوارڊ جي فاتح جو اعلان آن لائن ووٽنگ جي بنياد تي ڪيو ويو ۽ شوقينن هڪ کان 8 مئي جي وچ ۾ آن لائن ووٽنگ ڪري ان جي فاتح جو فيصلو ڪيو.

آن لائن ووٽنگ دوران ثانيا مرزا کي 10 هزار کان وڌيڪ ووٽ مليا، سندس ووٽنگ جي شرح 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي، جنهن مان سندس مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين شعيب ملڪ جي گهرواري ثانيا مرزا پنهنجي ڪاميابيءَ جو فخر ۽ خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته مان انعامي رقم تلنگانه جي وڏي وزير جي راحت فنڊ ۾ ڏينديس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.