رانديگر فنڪارن جيان هر سٺي پرفارمنس تي داد چاهيندا آهن:اظهر محمود

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر ۽ اڳوڻي بالنگ ڪوچ اظهر محمود چيو آهي ته تماشائين کان سواءِ ڪرڪيٽ ۾ مزو نه هوندو ۽ رانديگر بوريت محسوس ڪندا پر هن وقت ڪرڪيٽ جي واپسي لاءِ ائين ڪرڻو پئجي وڃي ته ڪو به حرج نه آهي.

هڪ انٽرويو ۾ اظهر محمود چيو ته هن وقت سڀ کان اڳ ڪوشش اها آهي ته ڪرڪيٽ واپس ٿئي ڇو جو بورڊز کي پنهنجي آمدني جو سلسلو به ڏسڻو آهي.

هن چيو ته اها ڳالهه درست آهي ته رانديگر تماشائين کان سواءِ بور ٿي ويندا ڇو جو رانديگر به فنڪارن جيان هوندا آهن، سٺو لڳندو آهي جڏهن سٺي شاٽ يا سٺي بال تي کين داد ملي، اهو نه ٿيندو ته ڪرڪيٽ جو مزو هليو ويندو پر ڪرڪيٽ جي واپسي يقيني بڻائڻ لاءِ جيڪڏهن ٿوري وقت لاءِ ائين ڪرڻو به پوي ته ان ۾ ڪو به حرج نه آهي، جڏهن حالتون بهتر ٿي وڃن ته تماشائي به ميدانن ۾ واپس اچي ويندا.

اظهر محمود پنهنجو ذاتي تجربو ٻڌائيندي چيو ته جڏهن هو ڪينٽ لاءِ کيڏندو هو ته چار پنج هزار تماشائي ميدان ۾ هوندا هئا ۽ جڏهن آءِ پي ايل کيڏڻ لاءِ ويس ته اتي 35 هزار تماشائين جي سامهون کيڏيس ۽ پوءِ جڏهن آءِ پي ايل کيڏي واپس آيس  ته اهو ماحول مس ڪرڻ لڳس، جيڪو تماشائي ٺاهيندا آهن ۽ ان جو رانديگرن تي  به اثر پوندو آهي.

هڪ سوال تي هن چيو ته رانديگرن جي حفاظت لاءِ بال کي چمڪائڻ لاءِ ٿُڪ يا پگھر جو استعمال روڪڻ مناسب عمل هوندو گڏوگڏ ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته بال ٺاهيندڙ ادارو ڪو اهڙو مواد تيار ڪري جنهن سان اننگز دوران بال کي چمڪائي سگھجي ته جيئن بيٽ ۽ بال جو بيلنس برقرار رهي.

هڪ ٻئي سوال تي اڳوڻي آل رائونڊر چيو ته لاڪ ڊائون دوران ڪرڪيٽرن وٽ اهو موقعو آهي ته هو پنهنجي راند جو پاڻ مرادو تجزيو ڪن ۽ اهو طئي ڪن ته ڪٿي هنن ۾ کان گھٽتائي ته نه آهي ۽ هو پنهنجي ڪاڪردگي بهتر ڪيئن ٿا ڪري سگهن.

قومي ٽيم جي اڳوڻي بالنگ ڪوچ چيو ته ڪڏهن ڪڏهن بريڪ ملڻ رانديگرن لاءِ سٺو هوندو آهي ڇو ته ان دوران اهو موقعو ملي ويندو آهي ته هو ميدان کان پري ٿي پنهنجي راند تي مڪمل تجزيو ڪري ۽ ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي سوچين.

هن چيو ته فزيڪل ٽريننگ ممڪن نه آهي پر پوءِ به رانديگر وڊيوز ڏسي پنهنجو ذهن ٺاهي سگھن ٿا ڪنهن بيٽسمين کي ڪيئن آئوٽ ڪرڻو آهي يا ڪنهن جي بالنڪ کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي.

اظهر محمود پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان رانديگرن جا آن لائين سيشنز رٿيڻ جي تعريف ڪندي چيو ته ان سان رانديگرن کي راند جي هاڪاري پهلو ڊسڪس ڪرڻ جو موقعو ملندو.

هن چيو ته هن وقت شاهين شاهه ڪمال جو بالر آهي ۽ کيس اميد آهي ته هو وڏو رانديگر بڻجي سگھي ٿو.

سندس چوڻ هو ته موسيٰ، نسيم شاهه ۽ حسنين به ٽيلينٽيڊ آهن پر ضروري آهي ته انهن کي پلان ڪري استعمال ڪيو وڃي، اهو ڏٺو وڃي ته ڪهڙو بالر ڪهڙي فارميٽ لاءِ گھڻو اثرائتو آهي ۽ مناسب پلاننگ ڪري ورڪ لوڊ مينيج ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.