صحت جي عالمي اداري جي ايپ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ڪندڙ فيچر به  شامل

ڪورونا وائرس کان آگاهي لاءِ  جلد متعارف ڪرائي ويندڙ  صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او)جي  ايپ ۾ وائرس جي سڃاڻپ لاءِ به  سولائي فراهم ڪئي  ويندي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن کي  نظر ۾ رکندي صحت جي عالمي اداري مارچ ۾ ايپ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو جيڪا ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت ڄاڻ فراهم ڪندي.

صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته اڃا ايپ تي ڪم جاري آهي ۽ ان کي جلد متعارف ڪرايو ويندو پر  ڪا به حتمي تاريخ ناهي ٻڌائي وئي.

رپورٽن موجب ڄاڻايل ايپ ڄاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪووڊ-19 جي سڄاڻپ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي.

ان حوالي سان صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته ڪووڊ-19 ايپ ۾ ڄاڻ جي فيچر سان گڏ اسڪريننگ فيچر به شامل ڪيو پيو وڃي ته جيئن واهپيدارن کي فوري  طور ت ي علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ ڪورونا جي سڄاڻپ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي پر اها ليبارٽري ٽيسٽ جو متبادل نه هوندي.

ان کان سواءِ ڪانٽيڪٽ ٽريسنگ فيچر به پيش ڪيو ويندو جيڪو واهپيدارن جي سمارٽ فون ۾ بلوٽوٿ جي مدد سان ڪم ڪندو.

مطلب جيڪڏهن ڪو شخص ڪورونا وائرس متاثر مريض سان رابطي ۾ رهندو ته ڪانٽيڪٽ ٽريسنگ فيچر واهپيدارن کي ترت نوٽيفڪيشن ذريعي آگاهه ڪندو ته جيئن هو احتياتي تدبيرن تي  عمل ڪندي پنهنجي ٽيسٽ ڪرائڻ سان گڏوگڏ پاڻ کي قرنطينه ۾ رکي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.