گوگل جي ڊوڊل ذريعي سعادت حسن منٽو کي ڀيٽا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سچائين کي افسانن ۽ خاڪن ذريعي پيش ڪندڙ سعادت حسن منٽو جي 180 هين جنم ڏينهن تي گوگل پنهنجو ڊوڊل تبديل ڪري کيس  ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

سعادت حسن منٽو روايتي اردو افسانن ۾ نواڻ آندي، اردو ادب ۾ هو اڄ به ان مقام تي آهي جتي هن جو مقابلو ڪو به نٿو ڪري سگھي.

ليجنڊ افسانه نگار سعادت حسن منٽو 11 مئي 1912ع تي ڀارت جي ضلعي لڌيانا ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم پنهنجي گھر ۾ حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ 1921ع ۾ ايم او مڊل اسڪول ۾ چوٿين جماعت ۾ داخلي ورتي.

پاڪستان ٺهڻ کان اڳ منٽو ٽوبه ٽيڪ سنگھه، کول دو، ٺنڊا گوشت، دهوان ۽ بو سوڌو ڪيترائي بهترين افسانا تخليق ڪيا جيڪي اردو ادب جي آسمان تي سدائين ستارن جيان چمڪندا رهندا.

منٽو اڍائي سئو کان وڌيڪ افسانه ۽ ڪهاڻيون لکيون جنهن مان 5 افسانن کي ان وقت جي حڪومت فحش قرار ڏئي کيس عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو.

اردو ٻوليءَ  جو عظيم افسانا نگار سعادت  حسن  42 ورهين جي عمر  ۾ 18  جنوري 1955ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو پر هو اڄ به پنهنجي سبب ادب جي  دنيا ۾ زندهه آهي.

منٽو پنهنجي قبر جو ڪتبو به پاڻ لکيو  جيڪو هيٺ ڏنل تصوير ۾ پڙهي سگھجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.