گوگل ۽ فيس بڪ پاران  سال آخر تائين ملازمن کي گھر کان ڪم ڪرڻ جي هدايت

عالمي وبا ڪورونا وائرس کي ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ ڊائون سبب سمورا تعليمي ادارا ۽ آفيسون بند آهن ۽ ان سلسلي ۾ سمورا ڪم آن لائين گھر ويٺي ئي ڪيا پيا وڃن.

وائرس کي نظر ۾ رکندي مشهور ترين ٽيڪنالوجي ڪمپنين طرفان پنهنجن ملازمن کي گھر ويٺي ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

موجودهه صورتحال کي ڏسندي گوگل ۽ فيس بڪ پنهنجن ملازمن کي سال جي آخر تائين گھرن کان ئي ڪم ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب وبا کي نظر ۾ رکندي گوگل شروعات ۾ پنهنجن ملازمن لاءِ گھر کان ڪم ڪرڻ جي پاليسي کي پهرين جون تائين جاري رکڻ جو اعلان ڪيو هو پر هاڻ موجودهه صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪمپني ان پاليسي ۾ وڌيڪ 7 مهينا واڌ ڪري ڇڏي آهي.

هوڏانهن فيس بڪ اعلان ڪيو هو ته هو پنهنجون بند آفيسون 6 جولاءِ کان کولندو پر اهڙا ملازمن جيڪي گھرن کان ڪم ڪري سگھن ٿا اهي سال جي آخر تائين گھرن کان ڪم ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.