ڪورونا وائرس دوران باڪسنگ بحال ٿيڻ گھرجي: عامر خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڄاول برطانوي باڪسر عامر خان ڪورونا وائرس دوران باڪسنگ بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ڪورونا وائرس سبب باڪسنگ سوڌو راندين جون سرگرميون معطل آهن ۽ سڄي دنيا ۾ راندين جي شعبي سان سلهاڙيل هزارين ماڻهو متاثر  ٿيا آهن ۽ راندين جا ميدان بند ٿيڻ سبب رانديگر گھرن ۾ ئي ٽريننگ ڪرڻ تي مجبور آهن.

ان حوالي سان اڳوڻي عالمي چيمپيئن عامر خان چيو آهي ته بند در جي پٺيان باڪسنگ نٿو ڪرڻ چاهيان، وڏي معاوضي باوجود آئون باڪسنگ لاءِ دستياب نه هوندس.

هن چيو ته مداحن جي سامهون پنهنجي ڪيريئر جي سٺي پڄاڻي چاهيان ٿو، ڪورونا وائرس جي باوجود باڪسنگ بحال ٿيڻ گھرجي.

هوڏانهن برطانوي  اختيارين جو چوڻ آهي ته جولاءِ ۾ جزوقتي طور تي باڪسنگ بحال ٿيڻ جو امڪان آهي.

برطانيا هن وقت آمريڪا کان پوءِ ڪورونا وبا سبب متاثر ٿيندڙ ٻيو وڏو ملڪ آهي جتي فوتگين جو انگ ساڍن 31 هن هزارن تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته 2 لک 15 هزار کان وڌيڪ متاثر ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.