اداڪار اطهر شاهه خان مداحن کان وڇڙي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اردو ٻولي جو شاعر، ڊاما نگار، فلم ساز ۽ اداڪار اطهر شاهه خان لاڏاڻو ڪري ويو.

اداڪار اطهر شاهه خان جيدي ڊگھي عرصي کان شگر، گڙدن ۽ فالج جي عارضي ۾ مبتلا هجڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

اطهر شاهه جيدي جي جنازي نماز گلشن اقبال ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ گھرڀاتي ۽ علائقي واسي شريڪ ٿيا.

اطهر شاهه خان مرحوم کي چئن پٽن جو اولاد آهي.

مرحوم اطهر شاهه ڀارت جي شهر رام پور ۾ ڄائو ۽ لاڏاڻي وقت هن جي  عمر 77 ورهين کان وڌيڪ هئي.

مرحوم اداڪار 1947ع ۾ ڪٽنب سان گڏ لاهور ۽ 1957ع ۾ ڪراچي منتقل ٿيو.

هو لاهور کان شروعاتي  تعليم حاصل ڪرڻ بعد پشاور ۾ سيڪنڊري تائين پڙهيو ۽ پوءِ ڪراچي ۾ اردو سائنس ڪاليج مان گريجوئيٽ ڪئي، ان کان پوءِ هن پنجاب يونيورسٽي مان صحافت جي شعبي ۾ ماسٽرز به ڪئي.

سندس ڳڻپ ٽيلي ويزن جي شروعاتي ڊراما نگارن ۽ فنڪارن ۾ ڪئي ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.