يوٽيوب ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي مدد جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ويڊيوز جي حوالي سان مشهور سوشل ميڊيا پليٽ فارم يوٽيوب ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي اشتهاري گرانٽ جي مد ۾ 50 لک ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان کي لکيل خط ۾ يوٽيوب جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سوزين وجوسڪي ڪورونا وبا خلاف پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.

سوزين وجوسڪي وبا خلاف گڏجي مقابلو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ڪورونا خلاف جنگ ۾ يوٽيوب پاڪستان جي مدد ڪندو رهندو، يوٽيوب انتظاميا ان عالمي وبائي بيماري جي چئلينجن ۽ ان جي خطرن کان باخبر آهي ۽ اسان واهپيدارن کي غلط اطلاعن کان بچائڻ ۽ درست ڄاڻ جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان هلندڙ سال جنوري ۾ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيوس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي 50هين سالياني اجلاس جي موقعي تي سوزين وجوسڪي سان ملاقات پڻ ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.