معين خان جون نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽسمينن کي صلاحون

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين معين خان چيو آهي ته ميدان ۾ ڪِريل ٽيم کي کڻڻ وڪيٽ ڪيپر جي ذميواري آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان وڪيٽ ڪيپرن لاءِ آن لائن ويڊيو سيشنز ۾ اڳوڻي ڪپتان معين خان هاڻوڪن وڪيٽ ڪيپر بيٽسمينن سرفراز احمد، محمد رضوان ۽ انڊر 19 ٽيم جي ڪپتان روحيل نذير کي صلاحون ڏنيون.

وڪيٽ ڪيپرن کي پنهنجي خطاب ۾ معين خان چيو ته ڪرڪيٽ جي ميدان ۾     ڪِريل ٽيم کي کڻڻ وڪيٽ ڪيپر جي ذميواري آهي، ميچ دوران جيڪڏهن بالرن کي ڪُٽڪو ملي رهيو هجي ته وڪيٽ ڪيپر طور توهان کي ٻين فيلڊرن سان گڏ کل ڀوڳ ۽ تفريح ڪرڻ گهرجي ته جيئن رانديگر دٻاءَ جو شڪار نه ٿين.

هن چيو ته مان وڪيٽ جي پويان بيهي وسيم اڪرم ۽ شاهد آفريدي جي اکين جا اشارا سمجهي ويندو هيس، ٻنهي بالرن سان گڏجي مان ڪيترن ئي مشهور بيٽسمينن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو.

سندس موجب 90 جي ڏهاڪي ۾ راشد لطيف جهڙا باصلاحيت وڪيٽ ڪيپر جو مقابلو ڪرڻ ڏکيو هو پر مان الزام تراشي يا ڪي بهانا ڳولڻ بدران پنهنجي احتساب تي اعتماد ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو مان اڄ به پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ ون ڊي ميچون کيڏندڙ وڪيٽ ڪيپر آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.